تازه ترين

پوليس ۽ رينجرز پاران ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
پوليس ۽ رينجرز پاران ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جو نئين سر جائزو وٺي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون. ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن بابت سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾  آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جيز سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻي طرفان ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڏوهارين جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جو نئين سر جائزو وٺي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون. هن چيو ته ڪچي مان ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ  پوليس الرٽ آهي. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل قدمن سان هاءِ ويز تي ڏوهن ۾ غيرمعمولي گهٽتائي ٿي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
46 %
2.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون