پيروسڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
مھراڻ ھاءِ وي تي ڦورن نوجوان فقير غلام محمد لاشاري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مزاحمت تي جوابدارن گوليون ھڻي نوجوان کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا.
موقعي تي موجود ماڻهن زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.