تازه ترين

سکر: اليڪشن ٽربيونل ۾ پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام جي ڪاميابي خلاف درخواست جي ٻڌڻي

- Advertisement -
اليڪشن ٽربيونل سکر، پي ايس 22 پنوعاقل تي پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف درخواست تي ڄام اڪرام ڌاريجو کي پيش نه ٿيڻ تي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي 24 مئي تي جواب سميت طلب ڪري ورتو. اليڪشن ٽربيونل سکر ۾ پي ايس 22 پنوعاقل تي پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو، وڪيل نور الدين چوهاڻ، فاروق احمد جتوئي، مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ عبدالحميد مهر، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ علي رضا بلوچ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته پ پ ايم پي اي اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڪيس هلايو وڃي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته پي ايس 22 پنوعاقل تي 45 فارم تحت جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو ڪامياب ٿيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پ پ جي ڄام اڪرام ڌاريجو کي ڌانڌلي ذريعي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جي يو آءِ اميدوار جا 5 هزار کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري ڊبل ٺپا هنيا ويا آهن، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي آڱوٺن جي چڪاس ڪرائي وڃي. درخواست ڏيندڙ چيو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ نوٽيفڪيشن روڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي پر ڪو به فيصلو ناهي آيو، پي ايس 22 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي فارم 45 تحت فيصلو ڏنو وڃي. اليڪشن ٽربيونل سکر پ پ ايم پي اي اڪرام الله ڌاريجو کي پيش نه ٿيڻ تي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي 24 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
55 %
2.6kmh
3 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون