پير ڳوٺ ويجهو سولنگي، جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو سکر ۾ رکيل فيصلو ملتوي ٿي ويو آهي جڏهن ته فيصلو ملتوي ٿيڻ جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي.
ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٽن مهينن کان هلندڙ خوني تڪرار جو سکر جي ڊولفن شادي حال ۾ رکيل نبيرو ملتوي ٿي ويو.
فيصلو ملتوي ٿيڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته اڄ سکر ۾ رکيل فيصلي ۾ سردار مير عابد خان سندراڻي، سردار محمد خان جوڻيجو ۽ رياض چانڊيو سميت ٻيا شريڪ ٿيڻا هئا.
جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب علائقي ۾ خوف حراس واري صورتحال آهي ۽ ڌريون مورچا بند بڻيل آهن.
جاگيراڻي ۽ سولنگي برادرين جا ڳوٺ هڪ ٻئي سان گڏ، جهيڙي ۽ فائرنگ سبب سکر کان پيرجوڳوٺ ۽ خيرپور کان پيرجوڳوٺ ايندڙ ويندڙ روڊن تي گاڏين جي اچ وڃ نه هئڻ برابر آهي جنهنڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن.
ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي سبب هن وقت تائين 6 ماڻهو قتل ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن………