پير جو ڳوٺ: جاگيراڻي-سولنگي تڪرار جو اڄ سکر ۾ رکيل فيصلو ملتوي

- Advertisement -
پير ڳوٺ ويجهو سولنگي، جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو سکر ۾ رکيل فيصلو ملتوي ٿي ويو آهي جڏهن ته فيصلو ملتوي ٿيڻ جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي. ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٽن مهينن کان هلندڙ خوني تڪرار جو سکر جي ڊولفن شادي حال ۾ رکيل نبيرو ملتوي ٿي ويو. فيصلو ملتوي ٿيڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته اڄ سکر ۾ رکيل فيصلي ۾ سردار مير عابد خان سندراڻي، سردار محمد خان جوڻيجو ۽ رياض چانڊيو سميت ٻيا شريڪ ٿيڻا هئا. جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب علائقي ۾ خوف حراس واري صورتحال آهي ۽ ڌريون مورچا بند بڻيل آهن. جاگيراڻي ۽ سولنگي برادرين جا ڳوٺ هڪ ٻئي سان گڏ، جهيڙي ۽ فائرنگ سبب سکر کان پيرجوڳوٺ ۽ خيرپور کان پيرجوڳوٺ ايندڙ ويندڙ روڊن تي گاڏين جي اچ وڃ نه هئڻ برابر آهي جنهنڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن. ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي سبب هن وقت تائين 6 ماڻهو قتل ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
54%
2.6m/s
2%
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
35 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون