- Advertisement -
پير ڳوٺ ويجهو مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
مبينا طور زهريلي کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيل پيرسن محمد بخش بروهي جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
زهريلو کاڌو کائڻ سبب 9 ڄڻا اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته محمد بخش بروهي جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 10 ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته ڳوٺ هيبت بروهي ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش ٿي ويا هئا.- Advertisement -
