پير ڳوٺ ويجهو هٿياربندن گهر تي حملو ڪري گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ وڏا مهيسر ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪيو.
هٿياربندن گهر ۾ گهڙي 20 ورهين جي عامر علي لاکو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي سول اسپتال پير ڳوٺ پهچايو.
گهرڌڻي غلام محمد لاکو ٻڌايو ته گهر ٿاڻي ڀرسان هئڻ باوجود هٿياربندن گهر تي حملو کي پٽ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
هن چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا.