تازه ترين

شڪارپور: عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طارق احمد ڀٽي جي عدالت قتل جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عمران اوڍو ۽ حمزه اوڍو کي سزا ٻڌائي. عدالت پاران ٻنهي جوابدارن تي ٻه، ٻه لک رپيا ڏنڊ به وڌو ويو. عدالت ٻنھي جوابدارن کي ڏهه ڏهه لک رپيا خون بھا مقتول ڌر کي ادا ڪرڻ جي به فتوي ڏني. عدالت ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي ھڪ جوابدار ڪبير اوڍو کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي بعد جوابدارن کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو. چار سال اڳ تعلقي ڳڙھي ياسين جي نبي شاھه وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن محمد فاضل اوڍو کي قتل ڪيو ھو. محمد فاضل اوڍو جي پيءُ غلام حيدر اوڍو جي فرياد تي ٽن جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو ويو ھو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
2.2kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون