تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلزپارٽيءَ تي ڪوڙا الزام هڻندڙ ٻڌي ڇڏن ته هو  بليڪ ميل نه ٿيندا: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ تي ڪوڙا الزام هڻندڙ ٻڌي ڇڏن ته هو  بليڪ ميل نه ٿيندا،  ڌانڌليءَ کانسواءِ کٽي نه سگهندڙ پارٽيون اڄ ڌانڌليءَ خلاف احتجاج پيون ڪن، پي ٽي  آءِ شهبازشريف جو رستو روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر پورا ناهن،  پي ٽي آءِ بانيءَ طرفان آءِ ايم ايف کي لکيل خط جي ڪا به حيثيت ناهي،  اليڪشن دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، تشدد واري سياست جي اجازت نه ڏني ويندي، سياسي ڪارڪنن جي قاتلن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. ڪراچي ۾ اليڪشن دوران مارجي ويل ڪارڪن عبدالرحمان جي پونيئرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مذهبي توڙي لساني دهشتگردي برادشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اليڪشن دوران تشدد ۽ فائرنگ جي واقعن جي هو مذمت ڪن ٿا، دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، سندن ڪارڪن عبدالرحمان کي قتل ڪيو ويو، تشدد واري سياست جي اجازت نه ڏني ويندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن دوران  تشدد ۽ فائرنگ وارن واقعن جي جاچ ڪرائي ويندي، سياسي ڪارڪنن جي قاتلن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. پ پ چيئرمين چيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون پ پ تي ڪوڙا الزام مڙهي رهيون آهن، پر واضح ڪري ٿو ته هو بليڪ ميل نه ٿيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڌانڌليءَ جي پيداوار اڄ ڌانڌليءَ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، 2002ع، کان 2024ع تائين هنن ڪا اليڪشن ناهي کٽي. پ پ چيئرمين چيو ته احتجاج ڪندڙن ٻڌائن ته ڪهڙي تڪ تي ڌانڌلي ٿي آهي؟ لاڙڪاڻي، خيرپور، سکر،  لياري يا ڪنهن ٻئي تڪ تي ڌانڌلي ٿي ته  ثبوت پيش ڪيا وڃن، پ پ جا اميدوار ته وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه تڪ جي نتيجن تي خدشا آهن، فارم 45 تحت پي ايس 125 ۽ 124 تي پ پ اميدوار کٽيا، ان لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو ويندو. پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي  آءِ شهبازشريف جو رستو روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، شايد پي ٽي آءِ جي بانيءَ پاڻ مقابلو ڪرڻ کان پاسو ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر پورا ناهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ طرفان آءِ ايم ايف کي لکيل خط جي ڪا به حيثيت ناهي، هو سدائين پاڪستان جو نعرو هڻندا آهن پر هي ملڪ کي بحران طرف ڌڪن ٿا. پ پ چيئرمين چيو ته  شهبازشريف وزيراعظم بڻجي رهيو آهي، ڪجهه عنصرن چاهن ٿا ته ملڪ جا مسئلا حل نه ٿين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون