تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اين آءِ سي وي ڊي ۾ اربين رپين جون بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو

- Advertisement -
اين آءِ سي وي ڊي ۾ اربين رپين جون بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مالي سال 2020-21 دوران دل جي ميجر سرجري ۾ ڪم ايندڙ “اسٽينٽس” جي خريداري تي هڪ ارب 19 ڪروڙ 51 لک 21 هزار رپيه خرچ ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب “اسٽينٽس” مک اسٽور کان مختلف اسٽورن، ڪيٿ ليبز، سيٽلائيٽ سينٽرن ۽ او ٽي اسٽورن تائين رڪارڊ موجب فراهم ڪيا ويا. رپورٽ موجب لاڳاپيل اسٽور ليب انچارجن طرفان فراهم ڪيل شين جي مقدار ۽ وضاحت کي ظاهر ڪندڙ رسيدون آڊٽ لاءِ مهيا نه ڪيون ويون. آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي انتظاميه طرفان 92 ڪروڙ 70 لک 49 هزار رپين جي گورننگ باڊي جي منظوري کانسواءِ غير منظم منتقلي ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي جي ڪامورن جي سفري خرچ جي مد ۾ 4 ڪروڙ، 31 لک، 96 هزار رپيه خرچ ڪيا ويا، پر خرچن جا تفصيل مهيا نه ڪيا ويا. آڊٽ رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي جي ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر عبدالمعيد جو غير قانوني طور ڪانٽريڪٽ وڌائي 2 ڪروڙ 7 لک 60 هزار رپين جو نقصان ڪيو ويو. رپورٽ موجب اين آءِ سي وي ڊي ۾ دوائن جي مد ۾ ٺيڪيدار سان سمجهوتي طور 5 ڪروڙ 56 11 هزار رپيه جي خريداري ڏيکاري وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
31 %
2.1kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون