سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ وٽ قربانين، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي تاريخ آهي، جيڪا ڪنهن به ٻي پارٽيءَ وٽ ناهي.
پ پ 57هين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، ائٽمي قوت بنايو، طبي سهولتون ۽ تعليمي ادارا ڏنا، هارين ۽ پورهيتن لاءِ پاليسيون ٺاهيون.
هن چيو ته شهيد راڻيءَ عورتن سميت هر شعبي جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو، جيڪو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به نه ڪيو، پاڪستان فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشن، بيسڪ يونٽس ۽ بنيادي تعليم ڏني.
شرجيل ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو ۽ بلوچستان جي حقن ڏيڻ جي شروعات ڪئي، پارليامينٽ کي بااختيار بنايو.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس ٽولي ملڪ کي ڏکين حالتن ۾ ڇڏيو ته پ پ چيئرمين فيٽف مان پاڪستان جو نالو ڪڍرايو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سموري دنيا کي پيغام ڏنو ته کين ماحولياتي انصاف ملڻ گهرجي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ جي سالگرهه جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداريءَ وڊيو لنڪ تي مختلف هنڌن تي خطاب ڪندو، پ پ سدائين مظلومن ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي.