تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلزپارٽيءَ وٽ قربانين، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي تاريخ آهي، جيڪا ڪنهن به ٻي پارٽيءَ وٽ ناهي:شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ وٽ قربانين، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي تاريخ آهي، جيڪا ڪنهن به ٻي پارٽيءَ وٽ ناهي. پ پ 57هين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، ائٽمي قوت بنايو، طبي سهولتون ۽ تعليمي ادارا ڏنا، هارين ۽ پورهيتن لاءِ پاليسيون ٺاهيون. هن چيو ته شهيد راڻيءَ عورتن سميت هر شعبي جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو، جيڪو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به نه ڪيو، پاڪستان فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشن، بيسڪ يونٽس ۽ بنيادي تعليم ڏني. شرجيل ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ بينظير  انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو ۽ بلوچستان جي حقن ڏيڻ جي شروعات ڪئي، پارليامينٽ کي بااختيار بنايو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس ٽولي ملڪ کي ڏکين حالتن ۾ ڇڏيو ته پ پ چيئرمين فيٽف مان پاڪستان جو نالو ڪڍرايو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سموري دنيا کي پيغام ڏنو ته کين ماحولياتي انصاف ملڻ گهرجي. شرجيل ميمڻ چيو ته   پ پ جي سالگرهه جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداريءَ وڊيو لنڪ تي  مختلف هنڌن تي خطاب ڪندو، پ پ سدائين مظلومن ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون