پيپلزپارٽي اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي حق ۾ ناهي، نوازشريف جي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو: پ پ اڳواڻ شازيه مري

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي حق ۾ ناهي، نوازشريف جي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، 8 فيبروري تي اليڪشن کٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻايو ويندو. ٻيراڻي هائوس تي پريس ڪانفريس ڪندي شازيا مري چيو ته جيڪڏهن عام چونڊون ملتوي ٿيون ته عوام سان زيادتي هوندي. هن چيو ته جيڪي چوٿون ڀيرو  وزير اعظم ٿيڻ جو خواب ڏسن پيا اهو انهن جو خواب ئي هوندو، پ پ جي قيادت هاڻي نوجوان بلاول ڀٽو ڪري رهيو آھي، نوجوان طبقي کي گهرجي ته  پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري. سندس چوڻ هو ته سانگهڙ ضلعي اندر پ پ ۾ ڪنهن به قسم جي ڌڙا بندي ناهي. شازيه مري چيو ته پ پ اها پارٽي آھي جيڪا پنهنجي ڏنل منشور تي ڪم ڪري ٿي، انشاءَ الله  8 فيبروري تي  پ پ ۽ عوام جي ڪاميابي ٿيندي. ان موقعي تي اين اي 209 تي آزاد اميدوار سيد نجم شاهه پ پ اميدوار جي ھٿ کڻي حمايت جو اعلان ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
25%
4.7m/s
22%
اربع
28 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون