- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي ۾ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر تبسم عرف قادرمان ۽ دهشتگرد ساجد عرف سرڪنڊي شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب ٻيو آپريشن ڊيرا غازي خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڪيو ويو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، شدت پسند سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ عام شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي..- Advertisement -
