تازه ترين

پيپلزپارٽي جي مرڪزي ڪميٽيءَ چونڊ نتيجن ۽ نئين حڪومتي سيٽ اپ بابت سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ ۽ رابطن لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

پيپلزپارٽي جي مرڪزي ڪميٽيءَ چونڊ نتيجن ۽ نئين حڪومتي سيٽ اپ بابت سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ ۽ رابطن لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شيري رحمان جو چوڻ آهي ته اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو، جنهن ۾ قطعي فيصلو ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي سي اي سي جو اجلاس ٿيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ميمبرن جي اڪثريت ن ليگ بدران پي ٽي آءِ سان گڏ ويهڻ جي تجويز ڏني.

ميمبرن پ پ قيادت کي تجويز ڏني ته آزاد اميدوارن جي مينڊيٽ جو احترام ڪندي کين اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي، ظاهري طور مضبوط اتحادي حڪومت ٺهندي نظر نه پئي اچي.

اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو، سياسي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

شازيا مري چيو ته  اجلاس ۾ چئني صوبن جي ميمبرن پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن.

فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته اليڪشن بابت چئني صوبن ۾ خدشا آهن، اڄوڪي سي اي سي جي اجلاس ۾ قطعي فيصلا ڪيا ويندا.

هن چيو ته اجلاس بعد ميڊيا کي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي ۽ سياسي پارٽين سان رابطن لاءِ ڪميٽي ميمبرن جا نالا پڻ ٻڌايا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون