تازه ترين

پيپلزپارٽي ٽن صوبن مان ختم ٿي چڪي آهي، پارٽيءَ جو وزيراعظم ڪيئن ٿيندو:مخدوم جميل الزمان

- Advertisement -
پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي ٽن صوبن مان ختم ٿي چڪي آهي، پارٽيءَ جو وزيراعظم ڪيئن ٿيندو، پ پ چيئرمين کي خط لکي سينئر قيادت جو اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پ پ پنجاب مان شروع ٿي هاڻي اتان ئي ختم ٿي چڪي آهي، پنجاب ۾ سروري جماعت جا ماڻهو به پيپلزپارٽي مان بيزار ٿي ويا آهن، بلاول ڀٽو زرداري کي پنجاب ۾ شڪست ملي پر ڪنهن به عهديدار استعيفيٰ نه ڏني، سنڌ ۾ بدامني خلاف چونڊيل نمائندا آواز ڇو نه اٿاري رهيا آهن. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مخدوم جميل الزمان چيو ته پيپلزپارٽي ٽن صوبن مان ختم ٿي چڪي آهي، پارٽيءَ جو وزيراعظم ڪيئن ٿيندو. سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پ پ منظم رهي، جنهن بعد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به پارٽي کي منظم ڪيو ۽ صدر آصف علي زرداري به پ پ کي اڳتي آندو، 2013ع بعد پ پ ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو ته پيپلزپارٽي پنجاب کان شروع ٿي هاڻي اتان ئي ختم ٿي چڪي آهي، پ پ چيئرمين کي خط لکي سينئر قيادت جو اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جنهن ۾ پنجاب جي صورتحال بابت بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب ۾ سروري جماعت جا ماڻهو به پيپلزپارٽي مان بيزار ٿي ويا آهن، پيپلزپارٽي ۾ ڊسيپلين ناهي، پ پ چيئرمين کي پنجاب ۾ شڪست ملي پر ڪنهن به عهديدار استعيفيٰ نه ڏني. پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو ته کيس عهدي جي ڪابه ضرورت ناهي، هو سي اي سي جو ميمبر آهي، سنڌ ۾ بدامني خلاف چونڊيل نمائندا آواز ڇو نه اٿاري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون