سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آھي ته پيپلزپارٽي ۽ ذاتي طور کيس بشري بي بي ۽ خان صاحب جي ڀينرن جي آزادي تي خوشي ٿي آهي، ڊيل بابت هو نجومي ناهي نه ئي وفاقي حڪومت جو حصو آهي جو کيس خبر هجي، سمورا جج قابل احترام آهن ۽ فيصلو پارليماني ڪميٽي ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي اهڙي سوچ جي ناهي، ذاتي طور کيس بشري بي بي ۽ خان صاحب جي ڀينرن جي آزادي تي خوشي ٿي آهي، ڊيل بابت هو نجومي ناهي نه ئي وفاقي حڪومت جو حصو آهي جو کيس خبر هجي، پر عمران جي سوچ اڄ به فريال ٽالپر کي عيد رات جيل ۾ رکڻ واري برقرار آهي.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي لابنگ پٺيان اسرائيلي سوچ ۽ مشن گولڊ سمٿ آهي جيڪي پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي 26 ترميم ۾ مصروف ضرور هئي پر پ پ قيادت جي توجهه عوام جي ڪمن تي هئي، سنڌ ويزن تحت ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا سولرائيزشن ۽ ٽرانسپورٽ ۾ جدت سميت ريڊ لائن، ييلو لائن ۽ هاڻ اي وي ٽيڪسي ۽ ڊبل ڊيڪر بس به آڻي رهيا آهن.