- Advertisement -
اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف لاهور کان دبئي پهچي ويو آهي.
نواز شريف پرڏيهي اڏام ذريعي صبح 9 لڳي 22 منٽن تي دبئي لاءِ روانو ٿيو هو.
اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف هڪ سال چئن ڏينهن بعد پرڏيههه روانو ٿيو آهي، نواز شريف گذريل سال 21 آڪٽوبر تي لنڊن کان دبئي رستي ڏيهه پهتو هو.
پارٽي ذريعن موجب، نواز شريف پنجن ملڪن جو دورو ڪندو، جن ۾ دبئي، آمريڪا، لنڊن ۽ يورپ جا ملڪ شامل آهن.
ذريعن موجب، نواز شريف دبئي ۾ هڪ ڏينهن ترسڻ بعد لنڊن ويندو.
اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 29 آڪٽوبر تي لنڊن کان آمريڪا ويندو، جتي هو چار ڏينهن ترسندو ۽ لنڊن واپس ايندو.- Advertisement -
