پيپلز بس سروس ۾ هاڻي سمارٽ ڪارڊ ذريعي ڀاڙي جي اوڳاڙي ڪئي ويندي

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنجاهه رپين ۾ عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪيون آهن، هر ضلعي ۾ بسون هلنديون، هر حال ۾ عوام کي رليف ڏيڻو آهي. ٽرانسپورٽ کاتي طرفان آٽو ميٽڊ فيئر  ڪليڪشن سسٽم جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ شرڪت ڪئي. پيپلز بس سروس جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق آٽو ميٽڊ فيئر ڪليڪشن نظام بابت وڏي وزير ۽  سينيئر صوبائي وزير کي بريف ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ نظام ۾ جدت  آندي پئي وڃي، آٽو ميٽڊ فيئر ڪليڪشن نظام شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي  قيادت ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون اسڪيمون آهن جيڪي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو شروع ٿيون آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پنڪ بس ۽ ماحول دسوت اليڪٽرڪ بسون شروع ٿيون، اهو پارٽي چيئرمين ۽ صدر آصف زرداري جو ويزن هو جنهن کي هو اڳتي کڻي ويا. صوبائي وزير چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هر ضلعي ۾ بسون هلنديون، هر حال ۾ عوام کي رليف ڏيڻو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته آٽو ميٽڊ ڪليڪشن ڪارڊ ٻه روٽن آر ون ۽ آر نائن تي شروع ڪيا ويندا، ڪراين ۾ اضافي جي سمري ڪابينا ۾ وئي ته وڏي وزير چيو ته ڪرايو نه وڌايو وڃي، حڪومت سبسڊي ڏيندي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم نگران حڪومت ۾ نه ٿي سگهيو، مهانگائي جا مسئلا موجود آهن پر هنن ريڊ لائن جو ڪم شروع ڪرايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
34%
2.3m/s
7%
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
27 °
خميس
25 °

تازه ترين خبرون