- Advertisement -
اٽلي جي سفير مارلينا آرملين ۽ قونصل جنرل ڊينيلو سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه سان گڏجي تاريخي ماڳ چوڪنڊي قبرستان جو دورو ڪيو.
اٽلي جي وفد تاريخي ماڳ چوڪنڊي قبرستان جي دورو ڪري ڄاڻ حاصل ڪئي.
صوبائي وزير ذوالفقار شاهه اٽاليءَ جي وفد کي چوڪنڊي قبرستان جي تاريخ بابت آگاهه ڪيو.
اٽاليءَ جي وفد چيو ته سنڌ جي تاريخي لحاظ کان پنهنجي هڪ منفرد حيثيت آهي.
صوبائي وزير ذوالفقار شاهه چيو ته سنڌ جي سياحتي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائي سياحن کي سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته پرڏيهي سياح وڏي تعداد ۾ سنڌ جي تاريخي ثقافتي سياحتي مرڪزن جو دوو ڪري رهيا آهن.
صوبائي وزير ذوالفقار شاهه ۽ سردار شاهه مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ موئن جي دڙي جي نوادرات جا ماڊلز تحفي ۾ پيش ڪيا.- Advertisement -
