پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي صوبي جي عوام جي فتح آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل پارٽي اميدوارن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي صوبي جي عوام جي فتح آهي، پ پ عوام جي خدمت ڪئي جنهن جو صلو مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ جي نتيجن سان ڏنو ويو. اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل پارٽي اميدوارن کي مبارڪ ڏني. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد سميت سمورا پ پ اميدوار عوامي مسئلا حل ڪندا. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ئي ملڪ جا مسئلا حل ڪندي، عام چونڊن ۾ پ پ سڄي ملڪ مان ڪامياب ٿيندي ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. هن چيو ته پنهنجي حڪومتي دور ۾ پيپلز پارٽي سڄي صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڳتي به ڪامياب ٿي پيپلز پارٽي سنڌ سميت سڄي ملڪ جا مسئلا حل ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
23%
2.4m/s
0%
اربع
25 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون