آءِ ايم ايف طرفان حڪومتي ادارن جي نقصان بابت پراڻن انگن اکرن جي رپورٽ مڃڻ کان انڪار

- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ طرفان پاڪستان کان مطالبن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان سرڪاري ادارن جي نقصانن بابت رپورٽ گهري ورتي آهي. پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ اقتصادي جائزي بابت ٽيڪنيڪل سطح جي جاري ڳالهين ۾ حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي فراهم ڪيل هلندڙ مالي سال جي پهرئين ٽن مهينن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو پيو وڃي جڏهن ته آءِ ايم ايف حڪومت کان سرڪاري ادارن جي نقصان جي رپورٽ به گهري ورتي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي سرڪاري ادارن جي نقصانن تي ٻڌل شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي پر آءِ ايم ايف پراڻي ڊيٽا بدران نئين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جنهن تي اختيارين آءِ ايم ايف کان ڊسمبر 2023ع تائين جو وقت گهري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ادارن جي نقصانن بابت قائم سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ ٽيم آءِ ايم ايف کي پهرين جائزي واري رپورٽ فراهم ڪندي حڪومت به آءِ ايم ايف کي نئين رپورٽ جلد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ذريعن موجب حڪومتي ادارن جي نقصانن بابت رپورٽ ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف کي ڏني ويندي. آءِ ايم ايف ڇنڇر تي ٿيل ڳالهين ۾ ايندڙ 10 مهينن لاءِ ٽيڪس پلان طلب ڪيو هو جنهن کانپوءِ اڄوڪي ڳالهين واري دور ۾ سرڪاري ادارن جي نقصانن بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
14%
3.4m/s
0%
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون