تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

پيپلز پارٽي وزيراعظم کي اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

پيپلز پارٽي وزيراعظم کي اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو،  نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته حڪومت کي خطرو آهي ته وزيراعظم اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائي سگهي ٿو، هو پارليامينٽ ۾ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ڪارڪردگي ته ڏيکاري وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن، صدر آصف علي زرداري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر ڪير ويهڻ لاءِ تيار ته ٿي.

هن چيو ته حڪومت کي ڪو خطرو آهي ته ساڻن ڳالهيون شيئر ڇو نه ڪيون ويون آهن،  خطرو آهي ته وزيراعظم ايڊوائس ڪري، اسيمبلي ٽوڙي نئين چونڊ ڪرائي وڃي.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي کي آئين جي بالادستي تي يقين آهي، حل به آئين تحت ئي نڪرندو،  جيڪڏهن نظام پٽڙي تان لٿو ته نقصان ملڪ جو ٿيندو.

نيئر بخاري چيو ته جيڪڏهن پ پ مسلم ليگ ن جو ساٿ نه ڏي ها ته اڄ پارليامينٽ ۽ چيف ايگزيڪٽو جي آفيس هلي سگهي ها.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اعتبار جوڳو ناهي، ڳالهيون ڪري ڦرڻ وارو آهي، هڪ ڏينهن چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار آهن ٻئي ڏينهن وري ٻئي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هوته هڪ ڏينهن چوي ٿو ته محمود خان اچڪزئي کي ڳالهين جو اختيار ڏنو آهي ٻئي ڏهاڙي چوي ٿو ته نه ڏنو آهي، ڳالهيون اعتبار واري شخص سان ئي ٿينديون آهن.

نيئر بخاري چيو ته عمران خان يوٽرن کي پنهنجي سياست جو معراج سمجهي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف وردي نه لاهي ها ته ڇا نواز شريف ڏيهه واپس اچي سگهي ها، نواز شريف جي واپسي جو ڪريڊٽ بينظير ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
44 %
3.4kmh
6 %
سُومر
23 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون