تازه ترين

پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ پاور شيئرنگ بابت معاهدي جي باقي نقطن تي مرحليوار عمل ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ پاور شيئرنگ بابت معاهدي جي باقي نقطن تي مرحليوار عمل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته  پنجاب ۾ پ پ جي ميمبرن کي مسلم ليگ ن ميمبرن جي برابر فنڊ ڏيڻ جو فيصلوڪيو ويو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جو گڏيل اجلاس گورنر هائوس لاهور ۾ منقعد ٿيو، جنهن ۾ راڻا ثناءُالله، مريم اورنگزيب، اعظم تارڙ، ملڪ احمد خان، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نديم افضل چن، حسن مرتضيٰ ۽ علي حيدر گيلاني شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاور شيئرنگ جي واعدن ۽ پنجاب ۾ پ پ جي خدشن تي عمل جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته حڪومتي اتحاد وچ ۾ لکت واري معاهدي تي صلاح مشورا ڪيا ويا. اجلاس ۾ معاهدي جي ٻين نقطن تي مرحيليوار عمل تي اتفاق پڻ ڪيو ويو، جنهن  تحت ڪجهه نقطن تي فوري ۽ باقي نقطن تي بعد ۾ عمل ٿيندو. حڪومت طرفان قانونسازي، بجيٽ ۽ پاليسين تي وقت کان اڳ پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب پنجاب جي کٽيل ضلعن مان پ پ جي مرضيٰ جا آفيسر مقرر ٿيندا ۽ پ پ جي ميمبرن کي مسلم ليگ ن ميمبرن جي برابر فنڊ ڏنا ويندا. حسن مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته پ پ طرفان اقتدار ۾ حصو وٺڻ جو تاثر درست ناهي،  مسئلن جي حل لاءِ هڪ سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24 ° C
24 °
24 °
36 %
2.2kmh
70 %
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
28 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون