تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي آءِ اي جون ساڍن چئن سالن کانپوءِ يورپ لاءِ اڏامون مڪمل طور بحال

- Advertisement -
پي آءِ اي جون ساڍن چئن سالن کانپوءِ يورپ لاءِ اڏامون مڪمل طور بحال ٿي ويون، بچاءَ ۽ هوا بازي واري وزير خواجه آصف فرانس لاءِ اڏامن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته يورپ ۾ آباد پاڪستانين لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، يورپ جي هوائن ۾ هاڻي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪندو. پاڪستان ايئر لائن هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو، ساڍن چئن سالن کانپوءِ يورپ لاءِ اڏامون مڪمل طور بحال ٿي ويون، جڏهن ته پهرين اڏام اسلام آباد مان مسافرن کي کڻي پيرس رواني ٿي وئي. بچاءَ ۽ هوا بازي واري وزير خواجه آصف اسلام آباد ايئر پورٽ تي فرانس جي ايمبسي اسٽاف سان گڏ افتتاحي ربن ڪاٽي. تقريب ۾ سيڪريٽري ايوي ايشن، ڊي جي سي اي اي، سي اي او پي آءِ اي عامر حيات، ائيرپورٽ مينيجر آفتاب گيلاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هڪ وقت هو جڏهن پي آءِ اي دنيا جي ليڊنگ ايئر لائن هئي، پي آءِ اي ڪيترين ئي ايئر لائنن کي ٺاهڻ ڪردار ادا ڪيو، بعد ۾ هو ٻين ايئر لائنن جا محتاج ٿي ويا. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ اسيمبلي فلور تي هوا بازي واري وزير جي بيان سان وڏي تباهي آئي، ساڍا چار سمنڊ پار پاڪستاني ڊائريڪٽ هتي نه اچي سگهيا، دبئي، دوحا، ابوظهبي يا ڪنهن ٻي هنڌان اڏام ۾ پاڪستان پهچائندا هئا. بچاءَ ۽ هوا بازي واري وزير خواجه آصف چيو ته ٻيهر پيرس لاءِ ڊائريڪٽ اڏامون شروع ٿيون آهن، اڄ تاريخي ڏينهن آهي، يورپ ۾ آباد پاڪستانين لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، يورپ جي هوائن ۾ هاڻي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪندو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون