پي آءِ اي جون ساڍن چئن سالن کانپوءِ يورپ لاءِ اڏامون مڪمل طور بحال ٿي ويون، بچاءَ ۽ هوا بازي واري وزير خواجه آصف فرانس لاءِ اڏامن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته يورپ ۾ آباد پاڪستانين لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، يورپ جي هوائن ۾ هاڻي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪندو.
پاڪستان ايئر لائن هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو، ساڍن چئن سالن کانپوءِ يورپ لاءِ اڏامون مڪمل طور بحال ٿي ويون، جڏهن ته پهرين اڏام اسلام آباد مان مسافرن کي کڻي پيرس رواني ٿي وئي.
بچاءَ ۽ هوا بازي واري وزير خواجه آصف اسلام آباد ايئر پورٽ تي فرانس جي ايمبسي اسٽاف سان گڏ افتتاحي ربن ڪاٽي.
تقريب ۾ سيڪريٽري ايوي ايشن، ڊي جي سي اي اي، سي اي او پي آءِ اي عامر حيات، ائيرپورٽ مينيجر آفتاب گيلاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هڪ وقت هو جڏهن پي آءِ اي دنيا جي ليڊنگ ايئر لائن هئي، پي آءِ اي ڪيترين ئي ايئر لائنن کي ٺاهڻ ڪردار ادا ڪيو، بعد ۾ هو ٻين ايئر لائنن جا محتاج ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ اسيمبلي فلور تي هوا بازي واري وزير جي بيان سان وڏي تباهي آئي، ساڍا چار سمنڊ پار پاڪستاني ڊائريڪٽ هتي نه اچي سگهيا، دبئي، دوحا، ابوظهبي يا ڪنهن ٻي هنڌان اڏام ۾ پاڪستان پهچائندا هئا.
بچاءَ ۽ هوا بازي واري وزير خواجه آصف چيو ته ٻيهر پيرس لاءِ ڊائريڪٽ اڏامون شروع ٿيون آهن، اڄ تاريخي ڏينهن آهي، يورپ ۾ آباد پاڪستانين لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، يورپ جي هوائن ۾ هاڻي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪندو……..