پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپئنز اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد يونائيٽڊ، لاهور قلندرز جو 140 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ حاصل ڪيو.
راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽڊ، لاهور قلندرز خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
لاهور قلندرز جي ٽيم آخري اوورن ۾ 139 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عبدالله شفيق ٽن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 66 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته سڪندر رضا 23، حارث رئوف 10 ۽ محمد نعيم 8 رنسون ٺاهي سگھيو.
ان کان علاوه شاهين آفريدي ۽ آصف آفريدي 2-2 رنس اسڪور ڪيو، سيم بلنگز، جهانداد خان ۽ ڊيوڊ ويسا ٻڙيءَ تي پويلين موٽي ويا.اسلام آباد يونائيٽڊ طرفان جيسن هولڊر 4 وڪيٽون ورتيون.
اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز جو ڏنل 140 رنسن جو هدف 2 وڪيٽن نقصان تي 18 اوورن ۾ پورو ڪيو.
يونائيٽڊ ڪولن منرو 59 رنسن سان سان ناٽ آئوٽ رهيو، هن هڪ ڇڪو ۽ 7 چوڪا هنيا جڏهن ته سلمان آغا 41 رنسن ٺاهي ناقابل شڪست رهيو، ان کان علاوه صاحبزاده فرحان 24 بالن تي 25 رنسون ٺاهيون.
لاهور قلندرز طرفان آصف آفريدي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.