تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ايس ايل 10 جي افتتاحي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي شاندار پرفارمنس، لاهور قلندرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست

- Advertisement -
پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپئنز اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. اسلام آباد يونائيٽڊ، لاهور قلندرز جو 140 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ حاصل ڪيو. راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽڊ، لاهور قلندرز خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور قلندرز جي ٽيم آخري اوورن ۾ 139 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عبدالله شفيق ٽن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 66 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته سڪندر رضا 23، حارث رئوف 10 ۽ محمد نعيم 8 رنسون ٺاهي سگھيو. ان کان علاوه شاهين آفريدي ۽ آصف آفريدي 2-2 رنس اسڪور ڪيو، سيم بلنگز، جهانداد خان ۽ ڊيوڊ ويسا ٻڙيءَ تي پويلين موٽي ويا.اسلام آباد يونائيٽڊ طرفان جيسن هولڊر 4 وڪيٽون ورتيون. اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز جو ڏنل 140 رنسن جو هدف 2 وڪيٽن نقصان تي 18 اوورن ۾ پورو ڪيو. يونائيٽڊ ڪولن منرو 59 رنسن سان سان ناٽ آئوٽ رهيو، هن هڪ ڇڪو ۽ 7 چوڪا هنيا جڏهن ته سلمان آغا 41 رنسن ٺاهي ناقابل شڪست رهيو، ان کان علاوه صاحبزاده فرحان 24 بالن تي 25 رنسون ٺاهيون. لاهور قلندرز طرفان آصف آفريدي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون