تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ايس ايل 10 : ملتان سلطانز پلي آف جي ڊوڙ مان ٻاهر

- Advertisement -
پاڪستان سپر ليگ سيزن 10 جي ميچ نمبر 20 ۾ اڄ ڪراچي ڪنگز جو مقابلو ملتان سلطانز سان ٿيو. قذافي اسٽيڊئم ۾ ٿيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي ڪنگز لاءِ ٽِم سائيفرٽ ۽ ڊيوڊ وارنر بيٽنگ جي شروعات ڪئي، ڪيوي ۽ ڪينگروز جي جوڙي 3.5 اوورن ۾ 53 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، جنهن کانپوءِ ٽم سائيفرٽ 11 بالن تي 22 رنسون اسڪور ڪري عبيد شاھه هٿان آئوٽ ٿيو. پنجين اوور جي پهرئين ئي بال تي ڪپتان ڊيوڊ وارنر به 30 رنسون اسڪور ڪري ڊيوڊ وِلي جو شڪار ٿيو. 60 رنسن جي مجموئي اسڪور تي ڪراچي ڪنگز جو ٽيون رانديگر به آئوٽ ٿي ويو، نوجوان عمير بن يوسف 1 رنس ئي ٺاهي سگھيو. جنهن کانپوءِ جيمز ونز جو ساٿ ڏيڻ لاءِعرفان خان نيازي بيٽنگ لاءِ آيو، ٻنهي رانديگرن جي وچ ۾ 78 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي ۽ عرفان خان نيازي 121 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 40 رنسون اسڪور ڪيون. ان کانپوءِ آل رائونڊر خوشدل شاھه ميدان تي آيو جنهن 13 بالن تي ٽِن ڇڪن ۽ ٻِن چوڪن جي مدد سان 33 رنسون اسڪور ڪيون. اهڙي طرح مجموعي 20 اوورن ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم 204 ٺاهيون . جيمز ونز ذميواراڻا راند کيڏندي 45 بالن تي 65 رنسون اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو. 205 رنسن جي مليل حدف جي جواب ۾ ملتان سلطانز شروعات کي مشڪلات جو شڪار رهي، جتي ڪپتان محمد رضوان بنا کاتو کولي گھر ڀيڙو ٿيو، 20 جي مجموئي اسڪور تي عثمان خان 1 رنس ٺاهي مير حمزا هٿان آئوٽ ٿيو، ٽئين اوور جي آخري بال تي ملتان جو ٽيون رانديگر به آئوٽ ٿي ويو، اوپنر ياسر خان 17 بالن تي 26 رنسون اسڪور ڪيون. ڪرٽس ڪمفر ۽ ڪامران غلام اسڪور ۾ 29 رنسن جو واڌارو ڪيو جنهن کانپوءِ ڪمفر 12 رنسون ٺاهي محمد نبي هٿان بولڊ آئوٽ ٿيو. ڪامران غلام جو ساٿ ڏيڻ لاءِ افتخار احمد ميدان تي آيو پر هن به ٻوٽو نه ٻاريو۽ 8 رنسون ٺاهي هو به آئوٽ ٿي ويو.جنهن کانپوءِ ڪيوي آل رائونڊر مائيڪل بريسويل بيٽنگ لاءِ آيو پر هو به 2 رنسون ٺاهي محمد نبي هٿان بولڊ آئوٽ ٿيو.جيمز ونز جي شاندار فيلڊنگ سبب نئون آيل بيٽر ڊيوڊ وِلي به 12هين اوور جي چوٿين بال تي رن آئوٽ ٿي ويو.88 جي مجموئي اسڪور تي ڪامران غلام به همٿ هاري ويٺو ۽ هن 25 بالن تي 29 رنسون اسڪور ڪيون. اسامه مير 1 ۽ عبيد شاھه 14 رنسون ٺاهي سگھيا، جڏهن ته ڪرس جارڊن 14 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.ملتان جي سموري ٽيم 16.1 اوورن ۾ 117 رنسن تي ڍير ٿي وئي.اهڙي طريقي سان ڪراچي ڪنگز مقابلو 87 رنسن تان پنهنجي نالي ڪيو.محمد رضوان جي ٽيم ملتان سلطانز 8 مقابلن مان ستن ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ پلي آف جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.65 رنسون اسڪور ڪرڻ تي جيمز ونز مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
28 %
1.3kmh
93 %
جمعو
16 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °
سُومر
17 °
اڱارو
16 °

تازه ترين خبرون