تازه ترين

نيشنل وومينزٽي ٽوئنٽي 2025: ڪرڪيٽ جون راڻيون مقابلي لاءِ تيار

- Advertisement -
نيشنل وومينز ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ سڀاڻي ( 7 مئي 2025 ) کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پنج ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن سڀئي ميچون نيشنل اسٽيڊيم ۽ هاءِ پرفارمنس سينٽر اوول گرائونڊ تي کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جي پهرئين ڏينهن 2 ميچون ٿينديون، اسٽارز جو مقابلو اسٽرائيڪرز سان نيشنل اسٽيڊئم ۾ٿيندو، جڏهن ته اوول گرائونڊ تي ڪانڪررز ۽ انونزيبلز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. شرڪت ڪندڙ ٽيمن ۾ چيلينجرز، ڪانڪررز، انونزيبلز، اسٽارز ۽ اسٽرائيڪرز جون ٽيمون شامل آهن. ٽورنامينٽ ڊبل ليگ فارميٽ تي ٻڌل هوندي، جنهن تحت هر ٽيم 8 ميچون کيڏندي، مجموعي طور ايونٽ ۾ 22 ميچون ٿينديون. پوائنٽس ٽيبل تي ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي ايندڙ ٽيمن وچ ۾ 22 مئي تي ڪواليفائر کيڏيو ويندو، جنهن جي فاتح ٽيم 24 مئي تي پهرئين نمبر تي آيل ٽيم سان نيشنل اسٽيڊئم ۾ فائنل ميچ کيڏندي. ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور 80 رانديگرياڻيون حصو وٺنديون، انعامي رقم 30 لک رپين کان وڌيڪ آهي. فاتح ٽيم کي 15 لک رپيا ۽ رنر اپ ٽيم کي 10 لک رپيا انعام طور ڏنا ويندا. پنج قومي ٽيم جون رانديگرياڻيون، جيڪي تازو ٿيل آءِ سي سي ويمنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025 ۾ پاڪستان جي فاتح اسڪواڊ جو حصو رهيون، هن ٽورنامنٽ ۾ پنهنجي پنهنجي ٽيمن جي قيادت ڪري رهيون آهن. انهن ۾ فاطمه ثنا ڪانڪررز ٽيم جي ڪپتان، گل فيروزه اسٽرائيڪرز جي ، منيبہ علي انونسيبلز جي، سدره امين اسٽارز ۽ رامين شميم چيلنجرز ٽيم جي قيادت ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون