تازه ترين

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي گرفتار

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائس چيئرمين خلاف سائفر ليڪ ڪرڻ تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو،  ايف آءِ اي شاهه محمود قريشي جي گرفتار ڪري ورتو.

شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪري جيئن ئي پنهنجي اسلام آباد واري رهائشگاهه پهتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

سندس گرفتاري ايف آءِ ايَ طرفان ڪئي وئي آهي.

شاهه محمود قريشي کي سائفر معاملي تي گرفتار ڪيو ويو، کيس ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم جي فرياد تي داخل ڪيو ويو.

سائفر جو ڪيس ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ ۾ داخل ڪيو  ويو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشيءَ ڳجهن سرڪاري دستاويزن جي ڄاڻ ليڪ ڪئي ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ايف آءِ آر موجب بني گالا ۾ ڳجهي گڏجاڻي ڪري سازش تيار ڪئي وئي، سائفر جي ڪاپي اڃا تائين پي ٽي آءِ چيئرمين جي قبضي ۾ آهي، هن اها سائفر جي ڪاپي غائب ڪئي.

ڪيس ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر جي ڪاپي غائب ڪري ٻاهرين قوتن کي فائدو ۽ رياست کي نقصان پهچايو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون