تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ باني، ملڪ عوام ۽ پارٽي ميمبرن سميت ڪنهن سان به مخلص ناهي، هو رڳو پنهنجن مفادن سان سچو آهي:شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني، ملڪ عوام ۽ پارٽي ميمبرن سميت ڪنهن سان به مخلص ناهي، هو رڳو پنهنجن مفادن سان سچو آهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت ڪوشش ڪندي ته مفاهمت سان سڀني کي گڏ کڻي هلي، تحريڪ انصاف وارا ته ڪنهن سان هٿ به ناهن ملائيندا، پي ٽي آءِ باني چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته  سياستدان جو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جو ڪم ئي ناهي، تحريڪ انصاف باني عوام سان مخلص ناهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني صحيح رستي تي هجي ها ته پارٽي مضبوط هجي ها. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي پي جي عوام کي پنهنجون اکيون کولڻيون پونديون، کين ڏسڻو پوندو ته ساڻن ڇا ٿي رهيو آهي، صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽئين حڪومت آهي پر هتان جا ماڻهو روزگار لاءِ  ٻين صوبن ڏانهن ويندا آهن. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پاڪستان توانائي جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٿر ڪول مان پاڪستان جي توانائي جو مسئلو حل ٿيندو، ٿر  جي ڪوئلي ۾ ئي  ملڪي معيشت جي بقا آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون