- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڌمڪي واري پوسٽ شيئر ٿيڻ واري معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ رياستي ادارن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي 4 رڪني جاچ ٽيم اڄ ٻيهر جاچ لاءِ اڊيالا جيل ويندي، جاچ ٽيم پي ٽي آءِ باني کان بغاوت جي پيغامن ۽ انهن کي ڦهلائڻ ۾ ملوث ساٿين بابت پڇاڳاڇا ڪندي.
ان کان اڳ پي ٽي آءِ کان جاچ لاءِ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي ٽيم اڊيالا جيل پهچي هئي، جتي پي ٽي آءِ باني ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
جيل ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جي جاچ ٽيم کي جواب ڏنو هو ته هو وڪيلن جي موجودگي ۾ جاچ ۾ شامل ٿيندو.- Advertisement -
