- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان ۽ رئوف حسن سان واٽس ايپ پيغامن نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي.
ٻنهي وچ ۾ واٽس ايپ پيغامن ذريعي پي ٽي آءِ تي قبضي جي جنگ جو منظرنامو به واضح ٿيو ويو، عليمه خان واٽس ايپ تان رئوف حسن کي بشريٰ بيبي سان منسوب هڪ پيغام موڪليو، جنهن ۾ سندس پي ٽي آءِ بانيءَ سان جيل ۾ ملاقات ۽ روئڻ جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي.
عليمه خان رئوف حسن کي پيغام ۾ چيو ته بشريٰ بيبي جو اهو پيغام بيوقوفاڻو آهي، بشريٰ جو ڊس انفارميشن سيل ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيو آهي، ان پيغام جي مشهوري نه ڪئي وڃي.
عليمه خان رئوف حسن کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ باني جي بشريٰ بيبي سان اهڙي ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي.
پي ٽي آ ءِ بانيءَ جي ڀيڻ سان منسوب جيڪي پيغام روئوف حسن کي موڪليا انهن ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو احوال ڏنو، بشريٰ بيبي جي پيغام ۾ چيو ويو ته جيل ۾ پي ٽي آءِ سان نويڪلائيءَ ۾ ملڻ نه ڏنو ويو.
پيغام ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ جيل وچ ۾ فرضي ڳالهه ٻولهه کي بنياد بڻائي پي ٽي آءِ باني جي موت جي پروپيگنڊا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني کي خبر آهي ته جيلر تي دٻاءُ آهي.
بشريٰ بيبي سان منسوب پيغام ۾ آرمي چيف کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
سياسي تجزئي نگارن موجب عليمه خان ۽ رئوف حسن کي موڪليل پيغام ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيا آهن.- Advertisement -
