- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي تي غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ 10 جنوري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد گذريل ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو.
فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪرڻ بابت حڪم نامو سول جج قدرت الله جاري ڪيو آهي.
حڪم نامي ۾ سپريڊنٽ جيل کي صحافين جي عدالتي ڪمري ۾ موجودگي يقيني بڻائڻ واري عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت جو چوڻ هو ته ڪيس بابت سموريون دستاويزي ڪاپيون پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي کي فراهم ڪيون وڃن ٿيون.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي تي فرد جرم 10 جنوري تي لاڳو ڪيو ويندو………..- Advertisement -
