- Advertisement -
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد فيض آباد ڌرڻو ڪميشن آڏو جواب جمع ڪرائيندي حڪومت خلاف سازش وارن الزامن جي ترديد ڪئي آهي.
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد، فيض آباد ڌرڻو ڪميشن آڏو پيش ٿي سوالن جا جواب ڏنا.
ذريعن موجب فيض حميد جواب ڏنو ته 2017ع ۾ لڳل ڌرڻي ۾ ان وقت جي حڪومت جي هدايت تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون هيون.
فيض حميد حڪومت خلاف سازش ڪرڻ وارن الزامن جي ترديد ڪئي.
فيض آباد ڌرڻو ڪميشن ڊاڪٽر اختر علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ خوشحال خان به شامل آهن……..- Advertisement -
