- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير گورنر کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري، هو وزيراعليٰ رهي، غنڊو نه بڻجي.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو علي امين گنڊاپور کي ڪي پي نه، رڳو پي ٽي آءِ جو وزيراعليٰ سمجهن ٿا.
هن چيو ته لڳي ٿو گنڊاپور کي غنڊو بڻجڻو هو پر هو غلطي سان وزيراعليٰ بڻجي ويو، گورنر کي ڌمڪي ڏيڻ رڳو هڪ فرد جي توهين نه پر سندن آئيني نظام تي حملو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فيصل ڪريم ڪنڊي اهم آئيني عهدي تي مقرر آهي، کيس ڌمڪي ڏيڻ دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿي.
هن چيو ته ڪي پي جي وزيراعليٰ خلاف فورن ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو آهي.- Advertisement -
