- Advertisement -
يهودي فوج جا هٿين خالي فلسطينين تي ظلم جاري آهن، بوريج ۽ المعازي پناهگير ڪيمپن تي حملن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب ديرالبلاح ۾ گھر تي بمباري ۾ 5 ۽ پناهگير ڪيمپن تي حملن ۾ 15 ڄڻن شهادت جو جام پيتو.
ٻئي پاسي فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 182 زخمي ٿي پيا.
فلسطيني اختيارين موجب شهيدن جو مجموعي انگ 36 هزار 586 ٿي ويو جڏهن ته 83 هزار 74 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي طبي سهولتن جي کوٽ سبب زخمين جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن.
فلسطيني اختيارين عالمي برادري کان طبي خدمتن لاءِ غزه ۾ فوري فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.- Advertisement -
