تازه ترين

پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهيءَ جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ چئن ڏينهن جي واڌ

پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهيءَ جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ چئن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پرويز الاهيءَ خلاف ترقياتي منصوبن ۾ گهوٻين ۽ ڪڪِ بيڪس واري ڪيس ڪيس ٻڌڻي ٿي.

عدالت چوڌري پرويز الاهيءَ جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ چئن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، اهو فيصلو احتساب عدالت جي پنج نمبر جج ملڪ محمد ساجد علي اعواڻ ٻڌايو.

نيب طرفان پرويز الاهيءَ بابت رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته پرويز الاهي نيب سان سهڪار نه پيو ڪري.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته پرويز الاهيءَ جي اڪائونٽ ۾ 120 ملين رپيا آيا پر اڃا تائين هن ان جي ذريعن بابت آگاهه ناهي ڪيو.

نيب جي رپورٽ موجب پرويز الاهيءَ جي گهر ڀاتين جي اڪائونٽن ۾ به ڳري رقم جمع ٿي، اها رقم پرويز الاهيءَ جي وڏو وزير ٿيڻ  بعد ٽرانسفر ٿي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نيب پرويز الاهيءَ جي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽيءَ جا وارنٽ به جاري ڪيا آهن، مونس الاهيءَ پاڻ کي روپوش ڪري ورتو آهي، عظمت حيات سلطاني شاهد طور ڪڪ بيڪس ۽ رشوت بابت بيان ڏنو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
32 %
1kmh
7 %
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
25 °
جمعو
25 °

تازه ترين خبرون