تازه ترين

پي ٽي آءِ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ٻن ڏينهن جي جسمانيرمانڊ تي پوليس حوالي

پي ٽي آءِ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ٻن ڏينهن جي جسمانيرمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پرويز الاهيءَ جي جيل مان آزادي بعد ٻيهر گرفتاريءَ تي سندس وڪيل اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند چوڌري پرويز الاهيءَ خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس  پرويز الاهيءَ کي پيش پيو.

پوليس پرويز الاهيءَ جو رمانڊ گهرندي چيو ته جوابدار جڊيشل ڪمپليڪلس ۾ هنگامي لاءِ گاڏيون ۽ ڏنڊا فراهم ڪيا، حملو ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي اسلام آباد  موڪليو، کانئس گاڏيون هٿ ڪري اڻ ڄاٿل ماڻهن بابت پڇڻو آهي.

پرويز الاهيءَ جي وڪيل رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته جسماني رمانڊ جي درخواست کل جوڳي آهي، پرويز الاهيءَ کي گجرانوالا ۾ داخل ڪيسن ۾ بري ڪيو ويو پر آزاديءَ بعد کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو،  سندس اصيل کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

پرويز الاهيءَ عدالت آڏو بيان ڏنو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان نڪرندو ته نيب وارا گرفتار ڪندا، رات هڪ ايس پي وٽن آيو، ان ٻڌايو ته کيس سترهن سال پراڻي کيس ۾ گرفتار ڪرڻو آهي.

عدالت پرويز الاهيءَ جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس 8 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ان کانسواءِ  پرويز الاهيءَ جي جيل مان آزادي بعد ٻيهر گرفتاريءَ تي سندس وڪيل اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي.

درخواست ۾ ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايڇ او شاليمار ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي درخواست ڪئي ته ڌرين کي طلب ڪري سندن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
52 %
1.5kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون