وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا تي ڪا خوشي ناهي، مٺائي ورهائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي وئي، اها فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف بغاوت هئي، پي ٽي آءِ حڪومت ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي قربان ڪرڻ پئي چاهي، تيرهن پارٽين جي حڪومت ملڪي تاريخ جو انوکو واقعو آهي، اتحادين طرفان سهڪار ڪرڻ تي هو سندن ٿورائتو آهي.
پارليامينٽ کي الوداعي خطاب ڪندي وزراعظم شهبازشريف چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ سورهن مهينا گهٽ عرصو آهي، ان جي ابتڙ ڪيترائي چئلينج ۽ مسئلا هئا، گذريل حڪومت جي نااهليءَ جو بار مٿن پيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، سائفر جي ڪوڙي موقف ذريعي آمريڪا سان معاملا خراب ڪيا، پي ٽي آءِ حڪومت ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي قربان ڪرڻ پئي چاهي.
وزيراعظم چيو ته سندن حڪومت سياسي مخالفن کي جيل موڪلڻ ته پري جي ڳالهه پر تنگ به نه ڪيو پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا تي ڪا به خوشي ناهي ٿي، دشمن کي به پــِـٽِڻ نه گهرجي.
شهبازشريف چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي وئي، اها فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف بغاوت هئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت شدت پسندن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن بعد دهشتگرديءَ ڪـَــرُ کنيو.
وزيراعظم چيو ته نگران سيٽ تي صلاح مشوري لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض سان ملاقات ٿيندي.
شهبازشريف چيو ته تيرهن پارٽين جي حڪومت ملڪي تاريخ جو انوکو واقعو آهي، چئني صوبن گڏجي اهو گلدستو ٺاهيو، هو سمورن اتحادين ۽ ڪابينا ميمبرن جو ٿورائتو آهي.
وزيراعظم چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بلوچستان پوئتي رهجي ويو، صوبي جا مطالبا تسليم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بلوچستان کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي.
ان کان اڳ وفاقي وزير ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توشاخانه جا سمورا تحفا وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، تحفا وڪرو ڪري رقم ٻارن جي تعليم ۽ يتيمن جي ڀلائي تي خرچ ٿيندي، جڏهن ته ڪابينا وفاقي ڪابينا ملڪ جي پهرين ميوزڪ پاليسي جي به منظوري ڏني.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته توشاخانه تحفن جو هو حقدار ناهي، ملڪ جا غريب اصل حقدار آهن.
هن چيو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي ڏيوالي جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکيائين باوجود آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، سمورن اتحادين ڀرپور ساٿ ڏنو