تازه ترين

پي ٽي  آءِ قيادت رتوڇاڻ نه ٿي چاهي، ڳجهو هٿ ائين ٿيڻ نه پيو ڏي: محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي  آءِ قيادت رتوڇاڻ نه ٿي چاهي، ڳجهو هٿ ائين ٿيڻ نه پيو ڏي، حڪومت ڪنهن به صورت جاني نقصان نه ٿي چاهي، ڪوشش هئي ته اسلام آباد جي روڊن تي تماشو نه بڻجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته شيلنگ ۽ تشدد ڪنهن به ملڪ جي بدنامي آهي، رات 4 شهادتون ٿيون، 3 رينجرز ۽ هڪ پنجاب پوليس جو جوان شهيد ٿيو. هن چيو ته هو ڪنهن به صورت جاني نقصان نه ٿا چاهن، هنن هر شيءَ جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، رات به ٻڌايو ته هنن کي سنجگاني واري هنڌ جي آڇ ڪئي. محسن نقوي چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت کان پڇو ڇا سنجگانيءَ جو فيصلو نه ٿيو هو؟ هنن جي ڳجهي ليڊر شپ سمورو ڪنٽرول ڪري رهي آهي، ٻيا سڀ زيرو آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته گوليءَ جو جواب گولي تمام سولو هوندو آهي، آءِ جي کي چيو آهي ته هاڻي ان جو اختيار  آهي ته دفاع ڪيئڻ ڪرڻو آهي، هو پنهنجن سمورن جوانن کي سپورٽ ڪندا. محسن نقوي چيو ته سمورا قافلا خيبرپختونخوا مان آيا آهن، پنجاب مان ڪو به ناهي آيو، ڪي پي سرڪار جا سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو شيل عام ماڻهو کي نٿو ملي سگهي. گهرو وزير چيو ته ساڍن چئن هزار جو هڪ شيل ايندو آهي، هزارين شيل هليا، اهي ڪٿان آيا؟ اهو سامان ڪي پي سرڪار فراهم ڪيا. محسن نقوي چيو ته نقصان پاڪستان جو آهي، پي ٽي آءِ جي سموري قيادت رتوڇاڻ ۽ تماشو نه ٿي چاهي، ڳجهو هٿ پويان سڀ ڪجهه ڪنٽرول پيو ڪري. وفاقي گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ليڊر شپ به ڳالهيون چاهي ٿي، پر ڳجهو هٿ سڀني تي ڳرو آ هي، ان جا ارادا ڪجهه ٻيا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون