سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت لاش ڪيرائڻ چاهي ٿي پر رياست گوليءَ جو جواب گوليءَ سان نه ڏيندي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته غريبن جي بارن کي اڳتي ڪرڻ بدران پي ٽي آءِ قيادت پاڻ اڳتي اچي مظاهري جي اڳواڻي ڪري.
هن چيو ته هتي بيلاروس جو صدر آيل آهي ۽ ملڪي بهتري لاءِ معاهدن تي صحيون ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي مظاهرو ڪندڙ پوليس تي شيلنگ ڪري رهيا آهن.
عطا تارڙ چيو ته رياست صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي، لاش نه ٿي چاهي، بشريٰ بيبي منصوبو کڻي آئي آهي ته لاش ڪيرائڻا آهن، ڇاڪاڻ ته رتوڇاڻ کانسواءِ هنن جو گذارو ناهي.
سڌ سماءِ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو مقصد آهي ته 9 مئي جيان رتوڇاڻ ٿئي، ڪجهه ماڻهن کي پيسا ڏئي اڳتي ڪيو ويو آ هي، پي ٽي آءِ باني پنهنجن پٽن کي فرنٽ تي آڻي.
عطا تارڙ چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان مان پي ٽي آءِ لاءِ ڪو به نه نڪتو، هنن جيڪي احتجاج ڪندڙ پڪڙيا آهن، اهي سامهون آڻڻ لاءِ تيار آهن، هو بشريٰ بيبي کي دعوت ڏي ٿو هوءَ پاڻ ڊي چوڪ ڇو نه پئي اچي؟ افغانين پويان ڇو لڪي ويٺي آهي.
وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن جي احتجاج ۾ افغان شهري شامل هوندا آهن، هي چاهن ٿا ته ڪو سانحو ٿئي جنهن مان فائدو ورتو وڃي….