- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن ملڪ جي مٽيءَ سان ڪو به تعلق ناهي، ملڪ کي ڏيوالو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڊيل ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته معيشيت جي بحالي بابت سٺيون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.
هن چيو ته بلوم برگ جي اسٽوري آئي سموري دنيا معاملي تي ڳالهائي رهي آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ملڪ دشمن پارٽي آءِ ايم ايف پروگرام کي پٽڙي تان لاهڻ تي لڳل آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج خلاف پرڏيهه ۾ وڳوڙي مظاهرا ڪندا آهن، وڳوڙي پارٽي تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف سان پروگرام پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
عطا تارڙ چيو ته هڪ پارٽي آءِ ايم ايف کي چئي رهي آهي ته سندن سياسي ليڊر کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان کي امداد ڏني وڃي، ملڪ دشمن پارٽي آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران ويهي مظاهرا ڪري رهي آهي.
هن چيو ته برانڊڊ جتيون ۽ برانڊيڊ بيگ پهري پاڪستان جي عوام جي امداد بند ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي- Advertisement -
