پي ٽي آءِ چيئرمين آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو 

spot_img
- Advertisement -

پي ٽي آءِ چيئرمين آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو  آهي.

پي ٽي  آءِ چيئرمين طرفان داخل آئيني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ 184 ٿري تحت دائر ڪئي وئي، جيڪا ايڊووڪيٽ شعيب  شاهين داخل ڪئي.

درخواست ۾ وفاق، صدر، گهرو وزارت ۽ سيڪريٽري قومي اسيمبلي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ  بنيادي انساني حقن سان ٽڪراءُ ۾ آهي.

درخواست موجب آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڳجهن ادارن کي بنا وارنٽ ڪنهن به گهر ۾ گهڙي جهڙتي وٺڻ جو اختيار غير آئيني آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو ته صدر سوشل ميڊيا تي وضاحت ڪري چڪو آهي ته هن ٻنهي قانونن جي منظوري ناهي ڏني.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته آفيشل سيڪريٽ ترميمي ايڪٽ 2023ع آئين جي آرٽيڪل 8 سان ٽڪراءُ ۾ آهي، جنهن موجب ڪو به قانون جيڪو بنيدي انساني حقن سان ٽڪراءُ ۾ آهي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو  ويندو

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون