تازه ترين

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد جي احتساب عدالت، 190 ملين پائونڊ ۽ توشا خاني ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت کان اڳ گرفتاريءَ جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بيبي پيش ٿي.

ٻڌڻي دوران جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته بشريٰ بيبي جا وارنٽ ته جاري ئي ناهن ٿيا، جاچ آفيسر ڪٿي آهي؟ هي ڪيس انڪوائري آهي يا انويسٽيگيشن واري مرحلي ۾ آهي؟

نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته اڃا گرفتار ڪرڻ جو آرڊر نه آهي.

بشريٰ بيبي جي وڪيل خواجه حارث چيو ته اهو ڪيس هاڻي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، وڪيل انتظار پنڇوٿا چيو ته مستقبل بابت ڪا ضمانت ڏيو.

جج محمد بشير چيو ته نيب وارا گرفتار  ڪري وٺندا آهن، اهو نه ٿئي ته نيب کيس گرفتار ڪري.

عدالت 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ بشريٰ بيبي کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران بشريٰ بيبي حاضري لڳائي واپس رواني ٿي وئي. بعد عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت کان اڳ گرفتاري واري درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي سندس درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33 ° C
33 °
33 °
26 %
1.9kmh
45 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون