تازه ترين

پي ٽي آءِ کي عوام جي جان ۽ مال جي ڪا ڳڻتي ناهي، ڪي پي ۾ امن ڪرائڻ بدران هٿياربند جٿا اسلام آباد تي ڪاهه ۾ رڌل آهن:شازيه مري

پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي عوام جي جان ۽ مال جي ڪا ڳڻتي ناهي، ڪي پي ۾ امن ڪرائڻ بدران هٿياربند جٿا اسلام آباد تي ڪاهه ۾ رڌل آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته ڪُرم ۾ ٿيل واقعن تي ڪي پي جو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ خاموش ڇو آهي؟.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج ڪنهن ملڪ جي سربراهه جي آمد جي موقعي تي ڇو ٿئي ٿو؟.

شازيه مري چيو ته هي اسلام آباد تي حملو ڪري قومي ڏوهاري کي آزاد ڪرائڻ چاهن ٿا.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جمهوري طريقي سان احتجاج ۽ قانون جي دائري ۾ ناهي، ڏڦيڙ ۽ پرتشدد ڪاررواين ذريعي پنهنجي ليڊر جي آزادي چاهين ٿا.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج جي نالي تي ڏڦيڙ کي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون