- Advertisement -
گڏيل عرب امارات ۾ اسرائيلي ربي (مذهبي اڳواڻ) جي قتل جي الزام هيٺ ٽڻ ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
اماراتي ميڊيا موجب، گھرو وزارت جاري بيان ۾ تصديق ڪئي آهي ته روي گوگن جي قتل جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اماراتي گھرو وزارت گرفتار ڪيل شڪي ماڻهن جي ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي.
اماراتي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته سوسائٽي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف سمورن قانوني اختيارن کي استعمال ڪيو ويندو.
واضع رهي ته ارٿوڊڪس يهودي تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ اسرائيلي شهري زيوي ڪوگن خميس تي گم ٿيو ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪار مان سندس لاش مليو هو.
ٻئي پاسي ايران يهودي ربي جي قتل ۾ ملوث هجڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.- Advertisement -
