تازه ترين

پي ٽي آءِ کي نه گهرڻ باوجود مخصوص سيٽون ملي ويون آهن : عظميٰ بخاري

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته  پي ٽي آءِ کي نه گهرڻ باوجود مخصوص سيٽون ملي ويون آهن، لاڏلي جي محبت ۾ ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي، قومون هميشه پنهنجي غلطين مان ئي سبق حاصل ڪنديون آهن، مخصوص پارٽي سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي، آئين کي ڪنهن به صورت ۾ شڪست نه ملڻ گهرجي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ جيڪي غلطيون ڪيون، اهي وڪيلن کي درست ڪرڻ گهرجن ها، پر عدالت درست ڪري ڇڏيون.

سندس چوڻ هو ته سني اتحاد ڪائونسل پاڻ مڃيو آهي ته هنن اليڪشن ناهي وڙهي، آئين هارائي ويون، زالون کٽي ويون، سوال اهو آهي ته هڪ پارٽي لاءِ ايترو پيا ڇو آهي.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته لاڏلي جي محبت هر شيءَ مٿان حاوي ٿي وڃي ٿي، هو شخص رليف نه به گهري ٿو پوءِ به کيس ڏنو پيو وڃي.

هن چيو ته نظريه ضرورت هميشه قومن کي نقصان پهچايو آهي، قومون هميشه پنهنجي غلطين مان سکنديون آهن، هنن سٺن ٻارن جيان هر فيصلي کي قبول ڪيو، ڪالهه پي ٽي آءِ باني کي فائدو پهچايو ويو.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظمي بخاري چيو ته تحريڪ انصاف کي اهو مليو جيڪو هن گهريو ئي نه هو، آئين کي ڪنهن به صورت ۾ شڪست نه ملڻ گهرجي، ايجنسين جي مداخلت هجي ته پوءِ پانامه جهڙو فيصلو ايندو آهي، نواز شريف کي خالي پگهار تي نااهل ڪيو ويو، مخصوص پارٽي سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون