تازه ترين

ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اوڀر جي قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اوڀر جي قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، جٽادار ترقي ۽ صحت جهڙن چئلينجن کي گڏيل نظر ڏسڻ گهرجي، پوئتي پيل ملڪن کي عالمي ترقي جي عمل ۾ اڳواڻيءَ جو ڪردار اد اڪرڻ گهرجي. بيجنگ ۾ چائنه انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي نگراني ۾ گڏيل ترقي بابت عالمي ايڪشن فورم جي ٻئي اعليٰ سطحي اجلاس وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته چين جي گلوبل ڊيويلپمينٽ انيشيٽو ذريعي جٽادار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اوڀر قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته گلوبل ڊيويلپمينٽ انيشيٽو ۾ گڏيل ترقي کي هٿي وٺرائي دنيا جي مستقبل کي جوڙڻ جي وڏي صلاحيت آهي، ترقي ڪندڙ ملڪ عالمي ترقي جي عمل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪن. صدر آصف علي زرداري چيو ته جٽادار ترقي ۽ صحت جهڙن عالمي چئلينجن کي اوڀر جي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، وڌيڪ عالمي آبادي اوڀر ملڪن خاص طور چين، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ رهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان، چيني صدر ۽ چين طرفان اوڀر ملڪن ۽ سڄي دنيا جي قيادت ۾ 21 صدي ۾ اڳتي وڌڻ جو خواهشمند آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته چين جي گلوبل ڊيويلپمينٽ انيشيٽو جو مقصد جٽادار ترقي جي ايجنڊا تي عمل تيز ڪرڻ آهي، پاڪستان ۽ چين گلوبل ڊيويلپمينٽ انيشيٽو تي عمل لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحي ڪري چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
10 %
7.5kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون