تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ کي هاڻي ڳالهين جي ڪا به آڇ نه ڪئي ويندي:سينيٽر عرفان صديقي

- Advertisement -
حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين بابت پنهنجي پاليسي واضح ڪري ڇڏي، سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته  ڳالهين جي دعوت ڏيڻ جي موسم ختم ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ کي هاڻي ڳالهين جي ڪا به آڇ نه ڪئي ويندي. جاري ڪيل بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته  پي ٽي آءِ کي هاڻ نه ڳالهين جي آڇ ڪئي ويندي نه وري دعوت ڏئي رهيا آهن، ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ جو مطلب دعوت ڏيڻ ناهي. هن چيو ته ڳالهين جا دروازا بند نه ڪرڻ جو اهو مقصد ناهي ته هو انتظار ڪري رهيا آهن، هاڻ تحريڪ انصاف تي آهي ته اها ڪهڙي ڏينهن سنجيده ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کي تماشي لاءِ نه پر نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ اچڻ گهرجي، جڏهن  تحريڪ انصاف جي جلسن، هنگامن ۽ ڌرڻن کان دل ڀرجي وڃي ته پوءِ ڳالهين لاءِ اچي. عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت بيوس آهي، ڪهڙي ڳالهه تي باني جو ڪهڙو موقف هوندو ان تي کيس به يقين ناهي هوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني هاڻي خطن جو ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٻڌو آهي ته هاڻ ٽيون خط به لکيو پيو وڃي، سويلين جي بالادستي ڪڏهن به باني جو مقصد ناهي رهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون